ڪوٽڙي(رپورٽ:يوسف سارنگ) ڪوٽڙيءَ ۾ شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ واران ناڪارا ٿيل 10 کان وڌيڪ واٽر فلٽر پلانٽ فعال نه ٿي سگهيا، جڏهن ته فلٽر پلانٽن لاءِ رکيل فنڊ هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان باوجود ميونسپل انتظاميا توڙي ضلعي اختياريون لاتعلق بڻيل آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙيءَ جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي فنڊن توڙي ٻين اسڪيمن تحت لياقت روڊ، لطيف چونڪ، مين سنڌي اسڪول، تعلقه اسپتال، ماروي سئنيما، سيوهاڻي پاڙي، ملڪ مهراب پارڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان اٽڪل 10 کان وڌيڪ واٽر فلٽر پلانٽ لڳايا ويا هئا ۽ انهن جو انتظام ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، جڏهن ته فلٽر پلانٽن جي مينٽيننس لاءِ فنڊ ۽ ملازم پڻ رکيا ويا، جيڪي فلٽر پلانٽ ڪجھ وقت هلڻ کانپوءِ ميونسپل انتظاميا ڪوٽڙيءَ جي لاپرواهيءَ سبب نظرداري ۽ مينٽيننس نه ٿيڻ جي ڪري بند ٿي ويا، جنهنڪري ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل فلٽر پلانٽ شهرين کي مستقل لاڀ نه ڏئي سگهيا آهن. ٻئي پاسي شهرين پاران بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوٽڙي ميونسپل انتظاميا توڙي ضلعي اختيارين فلٽر پلانٽن جي مرمت ڪري کين بحال ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيده ڪوشش پڻ ناهي ورتي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته واٽر فلٽر پلانٽن لاءِ رکيل ملازم ميونسپل اختيارين جي ملي ڀڳت سان گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن. ذريعن موجب فلٽر پلانٽن کي فنڪشنل رکڻ لاءِ مينٽيننس ۽ ڪئميڪل جي مد ۾ مسلسل فنڊ پڻ رکيا وڃن ٿا پر ان باوجود واٽر فلٽر پلانٽن کي فعال ڪري شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به عملي قدم ناهن کنيا ويا جنهنڪري شهري اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم بڻيل آهن.
انتظامي نااهلي سبب غيرمعياري پاڻي پيسن تي وٺون پيا: شهري
ڪوٽڙي: ڪوٽڙيءَ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي ايم خاصخيلي، الطاف ڏاوڇ، انجنيئر نعيم ابڙو، عابد شيخ، ساقي منصور کوسو، علي مهراڻ چانڊيو ۽ ٻين “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته فلٽر پلانٽ هٿ سان ناڪارا ڪري شهرين کان پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت کسي وئي آهي، جنهنڪري شهري بازارن مان غيرمعياري پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ڪوٽڙيءَ جي هر علائقي ۾ پاڻي فلٽر ڪرڻ جا خانگي پلانٽ لڳايا ويا آهن ۽ اهو ئي پاڻي بازارن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته عام ماڻهو پاڻي خريد ڪرڻ جي سگھ نه هجڻ جي ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. ھنن چيو ته ڪوٽڙيءَ ۾ لڳايل فلٽر پلانٽن جي مينٽيننس ۽ ڪئميڪل لاءِ فنڊ به رکيا وڃن ٿا، جيڪي ڪرپشن جي نذر ٿي وڃن ٿا. هنن ڊي سي ڄامشورو ۽ ميونسپل انتظاميا سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ لڳايل سمورا واٽر فلٽر پلانٽ فعال ڪري شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
|
ميونسپل ڪاميٽي جو سمورو وهنوار نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ سي او حوالي ٿيل
ڪوٽڙي: ذريعن موجب ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ارباب جعفر شورو ۽ سي ايم او اياز رند اڪثر آفيس ۾ نه هجڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙيءَ جو سڄو ڪاروهنوار سي او مقرر ٿيل اعجاز خاصخيليءَ جي حوالي رهي ٿو. ذريعن موجب اعجاز خاصخيلي ماضيءَ ۾ نيب جي ڪيترن ئي ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، جڏهن ته سياسي طور تي بااثر هجڻ جي ڪري هو گهڻو وقت پاسي تي رهڻ بعد ٻيهر ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ چيف آفيسر واري اهم ذميواري ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پلانٽس جي مينٽيننس ميونسپل جي ذميواري آهي: پبلڪ هيلٿ انجنيئر ڪوٽڙي: پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڄامشوري جي ايڪسيئن علي رضا منگي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڙيءَ ۾ لڳايل واٽر فلٽر پلانٽ هلائڻ ۽ انهن کي مينٽين رکڻ ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي فلٽر پلانٽ ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي حوالي ٿيل آهن، انهن جو انتظام پبلڪ هيلٿ کاتي وٽ ناهي. ٻئي پاسي ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي چيف آفيسر اعجاز خاصخيلي سان موقف وٺڻ لاءِ “پنهنجي اخبار” طرفان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.
|