ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ هينڊ فري نوجوان جي زندگي کسي ورتي، مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي خورشيد چونڪ واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي 20 ورهين جو نوجوان رضوان محسود مسافر ٽرين گرين لائن ايڪسپريس جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس ۽ سندس وارثن پهچي نوجوان جو مڙھه ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ آندو، جتي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته نوجوان جو مڙھه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان کي ڪنن ۾ هينڊ فري لڳل هئي، جنهنڪري ريل جي پٽڙي ڪراس ڪندي کيس ٽرين اچڻ جو احساس نه ٿيو ۽ ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو.