ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستيءَ واري علائقي ۾ نوجوان ناري زينب رات جو دير سان پُراسرار نموني پنهنجي گهر ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته وارثن ناريءَ جي مڙس سميت ساهرن تي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ڪوٽڙي سائيٽ پوليس پهچي ناري زينب جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس ناري زينب جي مڙس جهان شير راجپوت ۽ سهري منير راجپوت کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پُراسرار نموني فوت ٿيل ناريءَ جو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ ۾ پوسٽ مارٽم بعد سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي ناريءَ جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ناريءَ جي ڀاءُ جاويد الزام هڻندي چيو ته سندس ڀيڻ جي جسم تي ڌڪن جا نشان آهن، شڪ آهي  ته ڀيڻ کي مڙس سميت سندس ساهرن قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڀيڻ جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ناريءَ جي موت بابت في الحال حتمي طور تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي ناريءَ جي موت وارو معاملو واضح ٿي ويندو. پوليس موجب فوتي ناري زينب جي مڙس ۽ سهري کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو آهي ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ناريءَ جي موت بابت جلد ئي حقيقتون سامهون اچي وينديون.