ڪوٽڙي(ن پ ا) ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان سال 2024ع کي الوداع ڪرڻ ۽ سال 2025ع جي آجيان لاءِ پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جڏهن تہ تقريب ۾ ناليوارن اديبن تاج جويو، منصور قادر جوڻيجو، عاشق هالائي، غلام رسول غرق، اختر رند، نذير ميمڻ، يوسف سارنگ، مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو، منگل پريتم، ساقي منصور کوسو، چنگ نواز ولي محمد خاصخيلي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين اعجاز سومرو، قربان پنهور، ارمان عباسي، فنڪارن سرور سخيراڻي، ساجد سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سميت ڪوٽڙيءَ جي اديبن، شاعرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن  ته اديبن، فنڪارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريليءَ جي صورت ۾ سنڌوءَ درياءَ تي پهچي سنڌوءَ ۾ گل نڇاور ڪري درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليواري اديب تاج جويو چيو  ته سال 2024ع کوڙ سارا ڏنڀ ڏنا، صحافي جان محمد مهر ۽ نصرﷲ گڏاڻي شهيد ٿيا، ڊاڪٽر نواز ڪنڀر کي به بي درديءَ انتهاپسندن ماريو ۽ سنڌوءَ تي ڪئنالن جو سنڌ دشمن منصوبو آندو ويو.