ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي پوليس هڪ عورت سميت 5 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري آئيس، مين پوري ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي سٽي ۽ سائيٽ پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي مبينا منشيات فروشن ناز بيبي عرف ڀابي، مھتاب ٽالپر، سڪندر شورو، نديم پنهور ۽ نذير ٻٻر کي گرفتار ڪري جوابدارن وٽان آئيس، مين پوري ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن تہ گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا موجب منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون، عوام کي منشيات فروشن خلاف ڪارروائين ۾ پوليس جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.