ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي سائيٽ جي مسلم ٽائون واري علائقي ۾ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهنجي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 عورتون مسمات حاڪمزادي زال سڪندر چانڊيو ۽ مسمات سدوري زال قربان چانڊيو ٿڏي تي قتل ٿي ويون، جڏهن ته احسان چانڊيو، عمران، زاهد ۽ عرفان چانڊيو زخمي ٿي پيا، جڏهن مقتولن جا مڙھ ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي نوجوان احسان چانڊيو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس اٽالا مسلم ٽائون واري علائقي ۾ پهچي ويا، جن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ٻن جوابدارن کي ٿڏي تي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.  مقتولن جي وارثن سلمان چانڊيو، قربان چانڊيو، وحيده ۽ دعا چانڊيو ٻڌايو ته برادري ۾ سڱاوتي جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جوابدارن حملو ڪري اسان جي ٻن عورتن ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو آهي. هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ مظهر نائيچ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهتا، جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي جو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي. هنن چيو ته ٻن جوابدارن کي ٿڏي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي رات دير سان مقتولن جا مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.