ڪوٽڙي ( رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ افغانين جي سنڌ مان نيڪاليءَ لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڌرڻو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ مان افغانين سميت غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاء سيشن ڪورٽ روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي افغانين جي نيڪالي لاءِ زوردار نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن يونس اوٺو، حڪيم کونھارو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ لکين افغانين جي آبادڪاري سنڌ جي امن، تھذيب، تاريخي روايتن ۽ سنڌين جي قومي وجود لاءِ خطرو آهي. هِنن چيو تہ افغاني پناهگير سنڌين تي حملا ڪندا رهن ٿا پر اُن جي باوجود حڪمران افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هِنن چيو تہ افغانين جي نيڪاليءَ وارا حڪومتي اعلان بدنيتي تي ٻڌل آهن. هِن وقت تائين حڪومت ڪنهن بہ افغاني کي سنڌ مان ناهي ڪڍيو. هِنن سنڌ حڪومت سميت گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي تہ افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سنڌ جي امن، تھذيب ۽ سيڪيولر روايتن توڙي سنڌي قوم جي وجود کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.