ڪوٽڙي (رپورٽر)ڪوٽڙي شهر کي 50 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پئڪيج ڏيڻ باوجود شهر جي حالت ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي، پراڻي ميونسپل آفيس سامهون مُک لياقت روڊ جي وچ تي ڊرينيج نالي مٿان ٺاهيل روڊ ٽٽڻ سبب خطرناڪ کڏو پئجي ويو آهي، پر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙيءَ جي انتظاميا توڙي شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملي کڏو بند ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. پنهنجي اخبار طرفان موقف وٺڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙيءَ جي ذميوارن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ميونسپل چيئرمين ۽ سي ايم او جا نمبر بند هئا، جڏهن ته ميونسپل ڪوٽڙيءَ جي چيف آفيسر فون ئي اٽينڊ نه ڪيو. ٻئي پاسي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن الطاف ڏاوڇ، نعيم ابڙو، عرفان ملاح، اعجاز سولنگي ۽ ٻين چيو ته شهر جي وچ روڊ تي پيل کڏو انتهائي خطرناڪ آهي، خاص ڪري معصوم ٻارڙن کي نقصان ٿي سگهي ٿو.
هنن ڊي سي ڄامشورو سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي شهر جي مُک روڊ تي پيل کڏو بند ڪرايو وڃي.