ڪوٽڙي ۾ بند پيل ڪارخاني تي پوليس جو ڇاپو، 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منشيات هٿ

0
128

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ڪوٽڙي ۾ بند پيل ڪارخاني تي پوليس جو ڇاپو، 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي

 ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس سائيٽ ايريا ۾ بند پيل ڪارخاني تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ مين پڙيون، گٽڪو ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ ڪري ورتيون آهن

پوليس جي ڇاپي دوران ڪارخاني جو مالڪ فرار ٿي ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد موجب ڪوٽڙي جي تاريخ جي وڏي ڪارروائي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

وڏي وزير طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم