ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ)  ڪوٽڙيءَ ۾ سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڊي سي ڄامشورو جي آفيس ڀرسان ڪچري جي ڍير تي زوردار بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن کي پوليس بمبار ڄاڻايو آهي. ان ڏس ۾  ڌماڪي سبب ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي ئي مقرر اي ايس آءِ مولا بخش کوکر جو پٽ ڦلجي اسٽيشن واسي 20 سالا نوجوان الله بخش کوکر ٿڏي تي ئي مارجي ويو، ڌماڪي جي شدت ايڏي هئي جو مارجي ويل جو لاش اڏامي ڀرسان وڻ ۾ ٽنگجي ويو، مارجي ويل نوجوان جي ڪپڙن مان مليل شناختي ڪارڊ موجب پوليس ڄاڻايو آهي ته مارجي ويل شخص دادو واسي الله بخش کوکر آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۽ معلومات مطابق مارجي ويل نوجوان مبينا طور دهشتگرد آهي جيڪو دهشتگردي جي نيت سان وڃي رهيو هيو ته ڊي آفيس وٽ ڪچري جي ڍير تي بم ڦاٽي پيو، پوليس موجب بم ديسي هو، ان کان اڳ ڌماڪي جو اطلاع ملڻ تي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ڌماڪي جي آواز سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو، ڌماڪي واري هنڌ زمين ۾ کڏو پڻ پئجي ويو، پوليس پاران بم ڊسپوزل عملي کي پڻ طلب ڪيو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ موجب محرم جي مهيني سبب سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيل آهن، ڌماڪي ۾ مارجي ويل بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ڪوٽڙي بم ڌماڪي جو ڪيس مارجي ويل شخص الهه بخش کوکر مٿان داخل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي ٿاڻي حيدرآباد تي ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي اي ايس آء اياز ابڙي جي فرياد تي سرڪاري مدعيت ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارجي ويل شخص جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان آهي جيڪو ملڪ کان ٻاهر ويٺل پارٽي اڳواڻ جي چوڻ تي دهشگردي جي نيت سان بم کڻيو پئي ويو ته بم ڦاٽي پيو ۽ هو مري ويو.هوڏانهن : ڌماڪي ۾ مارجي الله بخش کوکر جي پيء سائيٽ ٿاڻي جي اي ايس آءِ مولا بخش کوکر کي معطل ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پوليس سندس گرفتاري جي تصديق نه ڪئي البته ذريعن موجب مارجي ويل نوجوان جي پيء کي ايس ايس پي جي حڪم تي سائيٽ پوليس هراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ موجب اي ايس آءِ کي معطل ڪري ڊي ايس پي ڪوٽڙي محمد رياض ملڪ جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.  هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڌماڪو رمورٽ ڪنٽرول ڊوائيس زريعي ڪيل لڳي ٿو،  ڌماڪي ۾  مارجي الله بخش کوکر جو تعلق هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان هو.ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ موجب ڌماڪي بعد محرم جي مهيني جي حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام اڃان به سخت ڪيا ويندا. مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي بم ڌماڪي جي ايف آء آر ايس سي ٽي ڊي ٿاڻي حيدرآباد تي دهشتگردي جي قلمن هيٺ داخل ڪئي پئي وئي. ٻئي پاسي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج محمد رمضان موجب ڌماڪو اليڪٽرانڪ ڊوائيس ذريعي ڪيل هو جيڪو لڳي ٿو ته مري ويل شخص پاڻ سان گڏ کڻي پئي ويو، ڌماڪي ۾ مارجي ويل جو لاش روڊ کان 20 فوٽ پري جھنگ ۾ ٽنگيل مليو، کڏو به اتي ٿيل آهي، لڳي ٿو ته بمبار اتي بم فٽ ڪري رهيو هو ته ڦاٽي پيو.