ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ سخت گرميءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل بندش شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، ڪاروبار ٺَپ، مڇريل شهري روڊن تي نڪري آيا، حيسڪو خلاف مظاهرا. ڪوٽڙي شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن درياءَ بند ڪالوني، ڳاڙهين جو پڙ، سيوهاڻي پاڙو، گودڙو پاڙو، غريب آباد، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ سخت گرميءَ ۾ به بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي بندش شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سخت گرميءَ ۾ بجلي نه هئڻ سبب هڪڙي پاسي شهري عذاب جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي بجليءَ تي هلندڙ ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هوڏانهن بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف مڇريل شهري روڊن تي نڪري آيا، جن حيسڪو انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي. مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي شهر جي غريب آباد، اسٽيشن روڊ ۽ ريلوي ڪالوني جي رهواسين بجليءَ جي اڻ اعلانيل بندش خلاف اسٽيشن روڊ ڀرسان ڪوٽڙي- ٺٽو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪوٽڙي ۽ ٺٽي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيهجي وئي. احتجاج دوران مظاهرين حيسڪو ڪوٽڙي جي انتظاميا خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رهيا. ٻئي پاسي رات دير سان سيوهاڻي پاڙي درياءَ بند ڪالوني، گودڙو پاڙي، ڳاڙهين جي پڙ سميت مختلف علائقن جي رهواسين بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف ڪوٽڙي- حيدرآباد پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري پل مڪمل بند ڪري ڇڏي، جنهنڪري ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ پل تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڪائونسلر رائو شاهد، ذبير مغل، احسان علي ۽ ٻين چيو ته سخت ترين گرميءَ باوجود حيسڪو انتظاميا ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪري ڇڏي ٿي، جنهنڪري سخت پريشانيءَ جو شڪار آهيون. هنن چيو ته بار بار شڪايتن باوجود حيسڪو انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم ڪري شهرين کي عذاب کان بچايو وڃي.