ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ جي عدالت منشيات جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ڊي ايس پي خالد اقبال پٺاڻ کي 3 سال ٽيپ ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڪوٽڙيءَ جي ايڊيشنل سيشن جج ون ۽ اسپيشل جج سي اين ايس جي عدالت اڳوڻي ڊي ايس پي خالد اقبال پٺاڻ کي آئيس رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي 3 سال ٽيپ ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته اڳوڻي ڊي ايس پي خالد اقبال پٺاڻ کي ڪوٽڙي پوليس ٻه سال اڳ 2023ع ۾ گرفتار ڪري کانئس وڏي مقدار ۾ آئيس هٿ ڪئي هئي، جنهن جو ڪيس منشيات ايڪٽ تحت ڪوٽڙي ٿاڻي داخل ڪيو هو.