ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ طوفاني برسات سبب فوت ٿيل هڪ نينگر جو بيوس پورهيت پيءُ اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ملڻ تي پنهنجي پٽ جو مڙھه رڪشا ۾ کڻائي ويو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي طوفاني برسات سبب گهرن جون ڀتون ڪرڻ جي واقعن ۾ فوت ٿي ويل 2 نينگرن جا مڙھ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ آندا ويا، جتي ضروري ڪارروائي بعد جڏهن ٻارڙن جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا ته وارثن اسپتال انتظاميا کان مڙھ کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينسز جي گهر ڪئي پر اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه هئڻ جو جواز ڄاڻائڻ تي هڪ فوتي نينگر راشد عرف اوشاق چانڊيو جو پورهيت پيءُ ٻيڙو چانڊيو پنهنجي پٽ جو مڙھ رڪشا ۾ کڻائي ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ روانو ٿي ويو، جڏهن ته پيءُ پاران پٽ جو مڙھه رڪشا تي کڻائي وڃڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين طرفان ضلعي جي هيڊڪوارٽر واري اسپتال ۾ ايمبولينس جي سهولت نه هجڻ تي تڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ اسپتال انتظاميا تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.