ڪوٽڙي ۾ اهلڪارن جي تشدد سبب نوجوان جي حالت خراب، پوليس اسپتال ۾ ڇڏي وئي

0
31
ڪوٽڙي ۾ اهلڪارن جي تشدد سبب نوجوان جي حالت خراب، پوليس اسپتال ۾ ڇڏي وئي
ڪوٽڙي ۾ اهلڪارن جي تشدد سبب نوجوان جي حالت خراب، پوليس اسپتال ۾ ڇڏي وئي

ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان جي حالت خراب، پوليس اهلڪار نوجوان کي اسپتال ۾ ڇڏي کسڪي ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي ٽي بي چونڪيءَ جي پوليس ٻٻر اسٽاپ جي رهواسي 18 ورهين جي پورهيت نوجوان عارف جوکيو کي موبائيل فون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ کنڀي چونڪيءَ تي کڻي وڃي مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهنڪري نوجوان جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد پوليس اهلڪار نوجوان کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ ڇڏي ويا. اطلاع تي نوجوان جا وارث پڻ اسپتال پهتا، جتي نوجوان جي ڀاءُ پرويز جوکيو الزام هنيو ته ٽي بي چونڪيءَ جي پوليس معمولي ڪيس ۾ ڀاءُ کي کڻي وڃي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهنڪري ڀاءُ جي حالت خراب ٿي وئي آهي. هن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ٽي بي پوليس چونڪيءَ جي انچارج ڪوڙي خان ابڙي کي بنا دير هٽائي تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ زاهد جهتيال نوجوان تي پوليس تشدد جي ترديد ڪندي چيو ته عارف جوکيو نالي نوجوان کي موبائيل فون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس گرفتار ڪيو، جتي هن چوريءَ جو اعتراف پڻ ڪيو. هن چيو ته نوجوان تي پوليس ڪو به تشدد ناهي ڪيو، بلڊ پريشر لو ٿيڻ جي ڪري سندس طبيعت خراب ٿي، جنهنڪري کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.