ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) جوڊيشل ڪامپليڪس ڄامشوري ٻاهران ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ون فائيوَ پوليس جي خانگي ڪپڙا پاتل اهلڪارن عدالت ۾ پيشي تي آيل ڪوٽڙي سائيٽ جي ڳوٺ منڱيو شورو جي رهواسي رڪشا هلائيندڙ پورهيت عبدالستار ابڙو کي سندس عزيز ارباب ابڙي سميت مبينا طور تشدد بعد زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پورهيت عبدالستار ابڙو پوليس کان پاڻ ڇڏائي عدالت ۾ وڃي پناھه ورتي. هوڏانهن اطلاع تي پورهيت جا وارث عورتن سميت عدالت پهچي ويا، جن ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ون فائيوَ پوليس خلاف جوڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران ڪوٽڙي- ڄامشورو روڊ تي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهنڪري روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڪوٽڙي سائيٽ جو ايس ايچ او خير محمد ملاح ۽ ون فائيوَ انچارج اياز ابڙو ڪجهه وقت اڳ ۾ به پورهيت عبدالستار ابڙي کي بي گناھ کنڀي گم ڪيو هو ۽ 10 لک رپيا وٺڻ بعد مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو هو، هنن چيو ته عبدالستار ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل هو، عدالت ٻاهران ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ون فائيوَ پوليس کيس تشدد بعد ٻيهر کنڀي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن الزام هنيو ته ڪوٽڙي سائيٽ جو ايس ايچ او خير محمد ملاح ۽ ون فائيوَ انچارج اياز ابڙو پئسا گهري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته پنهنجي نياڻي وڪرو ڪري به پئسا ڏيو. هنن چيو ته پوليس ناانصافيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي پوليس کان تحفظ فراهم ڪن. هوڏانهن ٻن ڪلاڪن جي احتجاج کانپوءِ ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.