ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ون فائيوَ پوليس گذريل رات جو دير سان گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪوٽڙي سائيٽ ۾ ٻن ڀينرن 11 ورهين جي عليشا ۽ 10 ورهين جي علينا سان مبينا زيادتي ڪري سندن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ نوڪريءَ مان برطرف ڪيل اي ايس آءِ ياسين لغاري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو. واضح رهي ته ٻارڙين سان زيادتي ڪرڻ ۽ وڊيو ڀرڻ واري ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ کان 3 لک رپيا رشوت وٺي کيس فرار ڪرائڻ تي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظهر نائيچ ۽ چونڪي انچارج اي ايس آءِ ياسين لغاري کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد ٻنهي برطرف پوليس آفيسرن ۽ جوابدار جي آزاديءَ لاءِ مبينا ڊيل ڪرائيندڙ صحافي مقدر بلوچ کي پڻ جوابدار جي سهولتڪاري ڪرڻ تي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پوليس گذريل رات دير سان ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ ۽ برطرف اي ايس آءِ ياسين لغاريءَ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار ڪيل اڳوڻي اي ايس آءِ ياسين لغاري کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي ايس ايڇ او مظهر نائيچ جي عدالت 50 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ٻئي پاسي زيادتي جو نشانو بڻيل ٻارڙين جو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ مان ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ ٻارڙين سان زيادتي ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ کي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ون فائيوَ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن  ته اڳوڻي ايس ايڇ او مظهر نائچ ۽ اي ايس آءِ ياسين لغاري سميت ٽن جوابدارن ڪيس جي مُک جوابدار جي سهولتڪاري ڪئي آهي. هن چيو  ته پوليس ڪيس جي مُک جوابدار سلطان پٺاڻ ۽ اڳوڻي اي ايس آءِ ياسين لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ايس ايڇ او مظهر نائچ ۽ مقامي صحافي فرار ٿي ويا آهن، انهن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايس پي ڄامشورو جي پريس ڪانفرنس دوران ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا، جڏهن ته ان موقعي تي جوابدار سلطان پٺاڻ کي صحافين آڏو پيش ڪيو ويو. ڪوٽڙي: ٻارڙين سان زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مُک جوابدار سلطان پٺاڻ ۽ اڳوڻو اي ايس آءِ ياسين لغاري، ٻئي پاسي جوابدار سلطان پٺاڻ پوليس حراست ۾ آهي