ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ جي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ سائنسي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين ڪيمسٽري، فزڪس ۽ ڪمپيوٽر سميت مختلف سبجيڪٽن جا اٽڪل 27 کان وڌيڪ ماڊل تيار ڪري نمائش لاءِ رکيا، جڏهن ته شاگردياڻين ان موقعي تي پنهنجن تيار ڪيل ماڊلز بابت بريفنگ پڻ ڏني. سائنسي نمائش ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ناصر اقبال، ڊگري ڪاليج جي پرنسپال آپا رخسانا جوڻيجو، ليڪچرارن ۽ ٽيچرن سميت وڏي انگ ۾ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، جن سائنسي ميلي جي عمل کي وقتائتو ۽ ساراھ جوڳو عمل قرار ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ناصر اقبال ڳالهائيندي چيو ته تعليمي ادارن ۾ هن قسم جا سائنسي ميلا ۽ نمائشون ٻارن ۾ اتساھ پيدا ڪن ٿا ۽ سائنس ۾ سندن دلچسپيءَ کي هٿي وٺرائن ٿا، تنهنڪري ادارن ۾ هن قسم جون نمائشون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين جا تيار ڪيل ماڊلز بهترين آهن.