ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي لاڳيتو سنڌوءَ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ سمنڊ جي تباھڪارين جو سلسلو ناهي رڪجي سگھيو ، سمنڊ جي پاڻي اڳتي وڌي سامونڊي پٽيءَ جي 8 شاخن جون 67 آرڊيز ختم ڪري ڇڏيون آهن  ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي جي ذميوار ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ ۾ ڪيتري عرصي کان پاڻي نه اچڻ ڪري گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 8 شاخن ۾ شامل 63 آر ڊيز تي مشتمل خاناڻي شاخ جون 8 آرڊيون ، 50 آرڊيز تي مشتمل مليرڙي شاخ جون 10 ، 29 آر ديز تي مشتمل ڳاڙهو شاخ جون 9 آر ڊيون ، 29 آر ڊيز تي مشتمل پالڪي شاخ جون 9 آرڊيون ، 23 آرڊيز تي مشتمل کٿو شاخ جون 16 آرڊيون ، 115 آر ڊيز تي مشتمل انڊو شاخ جون 3 آرڊيون،  23 آر ڊيز تي مشتمل دارسي شاخ جون 8 ۽ 36 آر ڊيز تي مشتمل گھوڙاٻاري شاخ جون 4 آرڊيز سميت 8 شاخن جون 67 آرڊيز سمنڊ جي کاري پاڻي هيٺ اچي مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن آبپاشي کاتي جي ذريعن چواڻي ته سمنڊ جي تباهڪارين جي ور چڙهي ويل 8 شاخن جي 67 آرڊيز جي سمنڊ هيٺ اچي ختم ٿيڻ بابت آبپاشي کاتي جي اختيارين کي پڻ اگاهي ڏني وئي آهي ذريعن چواڻي ته پاڻي جي پيدا ٿيل بحران توڙي ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سمنڊ اڳتي وڌي وڌيڪ شاخن ۾ داخل ٿي هتان جي آبپاشي نظام کي سخت متاثر ڪري سگھي ٿو.