ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم۾ پاڻي کوٽ سبب جاتي لڳ سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ

0
25
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم۾ پاڻي کوٽ سبب جاتي لڳ سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم۾ پاڻي کوٽ سبب جاتي لڳ سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ

جاتي(رپورٽ: اڪبر ٿهيم) ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ ڪري ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، جاتي جون سموريون شاخون خشڪ بڻجي ويون، جر جو پاڻي به کارو ٿيڻ سبب مالوند ماڻهن جا جانور اڃ وگهي مرڻ سبب ساحلي پٽي جا ڪيترائي ڳوٺ کالي ٿي ويا، رهواسين لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني تفصيل موجب جاتي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ساحلي پٽي ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ سبب رهواسي توڙي جانور اڃ مرڻ تي مجبور ٿيڻ سبب لڏپلاڻ ڪري ٻين شهرن ڏانهن رخ ڪري ڏنو آهي، جاتي جي ساحلي پٽي جي ڳوٺن ابراهيم ڌانڌل،ڇڇر ڌانڌل، حاجي ڌانڌل، مهراب لنڊ، ڪانڊيرو خاصخيلي، شاهد ڏنو ٿهيمور سميت ڪيترن ڳوٺن مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي، ساحلي پٽي جي رهواسين حاجي ڌانڌل، ابراهيم ڌاندل، مهاب لنڊ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ساحلي پٽي ڏانهن پاڻي ڇوڙ ڪندڙ سمورين شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري واري اڏامڻ لڳي آهي ۽ سامونڊي ڪناري هجڻ سبب جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي، پيئڻ لاءِ پاڻي نه هئڻ ڪري انسانن سان گڏ اسان جو چوپايو مال به اڃ وگهي مرڻ لڳو آهو ۽ روزگار جا ذريعا به ختم ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري اسان ٻين شهرن طرف لڏ پلاڻ ڪري پنهنجا اباڻا گهر گهاٽ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون، هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ سبب اسانجون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، گذر سفر زمينن جي آبادي ۽ مال پالڻ تي آهي، جيڪڏهن پاڻي ئي نه آهي ته اسان مجبورن باقي بچيل مال ڪاهي ڪنهن آباد علائقن ۾ وڃي گذر سفر ڪريون، ٻي طرف جاتي جي شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب رهواسين پاران عيد خريداري به نه هئڻ برابر ٿئي ۽ ان ڏس ۾ جاتي جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ماڻهن ۾ غربت هجڻ ڪري واپار به ٺپ ٿي ويو آهي، لکين رپين جي اوڌر تي سامان کڻي وڪري لاءِ آندو آهي پر خريداري نه هجڻ ڪري اسان جا به مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.