حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو لاٿ کائي 2 لک 54 هزار 39 ڪيوسڪ تي پهتو آهي. بئراج جو هيٺانهون وهڪرو 2 لک 22 هزار 824 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو. منڇر ۾ پاڻي جي سطح 120.55، دادو-مورو پل پاڻي جي سطح 124.9 ۽ آمري وٽ پاڻي جي سطح 105.5 فٽن تي پهتي آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ وهڪرن ۾ لاٿ کانپوءِ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ جا وهڪرا رڪارڊ ٿي رهيا آهن. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 20 هزار 271 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 12 هزار 589 ڪيوسڪ جڏهن ته سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 43 هزار 990 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 37 هزار 780 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو.