ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي پوليس جي ڪارروائي، ريلوي جو لکين رپين جو چوري ٿيل ڪاٻاڙ هٿ، جوابدارن خلاف ڪيس داخل. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي پوليس اسٽيشن ڀرسان دايو ڳوٺ ۾ ٻن گهرن تي ڇاپو هڻي ريلوي جو چوري ٿيل لکين رپين جو ڪاٻاڙ هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس جي ڇاپي دوران جوابدار نديم عرف ندو ۽ منظور بَلِي ڄاڻايل گهرن مان فرار ٿي ويا. رابطي تي ريلوي پوليس جي ايس ايچ او اسد جمالي ٻڌايو ته ٻئي جوابدار يارڊ مان ريلوي جو ڪاٻاڙ چوري ڪري پنهنجي گهرن ۾ لڪائي رکندا هئا ۽ موقعو ملڻ تي وڪرو ڪندا هئا. ايس ايچ او ريلوي پوليس موجب هٿ آيل ڪاٻاڙ ريلوي جو آهي، جيڪو قبضي ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته  فرار ٿيل ٻنهي جوابدارن نديم عرف ندو ۽ منظور بلي خلاف ريلوي جو ڪاٻاڙ چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻنهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.