ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي ريلوي ڪالوني جي رهواسڻ 17 سالا ناري نيها  لغاري پنهنجي مڙس وارث رند ۽ ماءُ حميران لغاري جي ظلم کان تنگ ٿي گهران نڪري عدالت پهچي تحفظ جو مطالبو ڪيو . جتي عدالت جي جج ناري کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڄامشورو جي  ايڊيشنل سيشن ٽو  جي عدالت ۾ ڪوٽڙي واسڻ  ناري نيها لغاري درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ماءُ حميران لغاري ۽ مڙس وارث رند مان جان جو خطرو آهي. بعد ۾ ناري نيها لغاري  ٻڌايو ته مان پنهنجي رضا خوشي سان گهران مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي عدالت پهتي آهيان ۽ مڙس مان جان جو خطرو آهي ان لاءۡ مونکي تحفظ ڏنو وڃي مان دارلامان ۾ رهڻ چاهيان ٿي ماءۡ ۽ مڙس ڏي نٿي رهڻ چاهيان.