ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙيءَ جي صنعتي زون ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ٺيڪيدار کي 20 ڪروڙ کان وڌيڪ اڳواٽ ادائگي ڪرڻ باوجود ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا، ٽريٽمينٽ پلانٽ به بند پيل، ايم ڊي سائيٽ ڪوٽڙيءَ پهتو، صنعتڪارن سان اجلاس باوجود معاملا رولڙي جو شڪار. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي صنعتي زون ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب ڪوٽڙي سائيٽ ۾ روڊن جي مرمت ۽ ڊرينيج سميت مختلف ترقياتي ڪمن لاءِ اٽڪل 42 ڪروڙ 97 لک رپيا رکيا ويا، جنهن مان سائيٽ جي عملدارن ٺيڪيدار کي 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي اڳواٽ ادائگي پڻ ڪري ڇڏي، جنهن باوجود نالي ماتر ترقياتي ڪم بہ نہ ٿي سگهيا، جڏهن ته صنعتڪارن جي شڪايت تي سيڪريٽري سائيٽ محمد ياسين شر نوٽيس وٺندي ايم ڊي سائيٽ سيد محمد فواد کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ايم ڊي سائيٽ ڪالھ ڪوٽڙي سائيٽ پهچي صنعتڪارن سان اجلاس ڪيو. اجلاس ۾ صنعتڪارن ميان توقير، فرخ خان، اقبال ملڪ، محمد ڪاشف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ صنعتڪارن ٺيڪيدار کي اڳواٽ ادائيگي باوجود ترقياتي ڪم نه ٿيڻ، فنڊن ۾ ڪرپشن، ٽريٽمينٽ پلانٽ غيرفعال هجڻ، پيئڻ جي پاڻيءَ جي عدم فراهمي ۽ حددخلين سميت مختلف معاملن تي ايم ڊي سائيٽ آڏو شڪايت ڪئي. ذريعن موجب ايم ڊي سائيٽ صنعتڪارن کي سندن خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ٽريٽمينٽ پلانٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي، جيڪا ٽريٽمينٽ پلانٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڊي سائيٽ سيد احمد فواد چيو تہ ٽريٽمينٽ پلانٽ کي ٻيهر فعال ڪيو ويندو. سائيٽ ۾ روڊن، پاڻيءَ ۽ ڊرينيج سسٽم سميت مختلف مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته حددخليون هٽائڻ لاءِ ڊي سي ڄامشورو سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن جي کيس ڄاڻ ناهي، ٺيڪيدار کي اڳواٽ ادائگين بابت جاچ ڪئي ويندي.