ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ تي ٻڌل ڪوٽڙي سائيٽ ۾ گذريل 25 سالن کان پاڻيءَ جي فراهمي چئلينج بڻيل آهي، جڏهن ته اٽڪل اڍائي لک کان وڌيڪ انساني آبادي واري ٻولهاڙي ميونسپل ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان جوڙايل پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ واٽر سپلاءِ اسڪيم، خدا جي بستي واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ مسلم ٽائون واري واٽر سپلاءِ اسڪيم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڄامشوري جي نااهليءَ ۽ اقرباپروريءَ سبب مسلسل غيرفعال هئڻ ڪري ٻولهاڙي ميونسپل جي اڌ کان وڌيڪ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک انساني آبادي واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻيءَ جي فراهميءَ کان محروم آهي، جنهنڪري ٻولهاڙي ميونسپل جي مختلف علائقن خورشيد ڪالوني، خدا جي بستي، بلوچ ڪالوني، نرسري، گلشن مبارڪ ڪالوني، ٻٻر اسٽاپ، ابڙا چونڪ، چوهاڻ چونڪ، پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ، عيسيٰ دل ڳوٺ، مسلم ٽائون، بروهي چونڪ ۽ ٻين علائقن جا رهواسي ٽينڪرن ذريعي ڳري اگهه تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ميونسپل ٻولهاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽينڪرن جو اگهه وڌڻ پڻ معمول بڻيل آهي، جنهنڪري 2 هزار رپين تائين پاڻي فراهم ڪندڙ ننڍو ٽينڪر گذريل ٻن مهينن ۾ 2500 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جو وڏو ٽينڪر هڪ هزار رپين تائين مهانگو ٿي 4 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب پورهيت طبقو پاڻي خريد ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين جو شڪار آهي، هوڏانهن هر ڀيري ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ٻولهاڙي واسين کان پاڻيءَ جي فراهميءَ جي واعدي تي ووٽ وٺي ويندڙ تڪ جي چونڊيل نمائندن پڻ 25 سالن کان پاڻي ڏيڻ وارا واعدا اڃا تائين وفا نه ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ علائقي واسين “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته ڪوٽڙي سائيٽ جي صنعتي زون سبب ٻولهاڙي ميونسپل ۾ اڪثريت پورهيت طبقي جي آهي، جيڪي گهٽ آمدنيءَ سبب مشڪل سان گهر جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا، انهن لاءِ 3 کان 4 هزار رپين تائين ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ ڪنهن وڏي مصيبت کان گهٽ ناهي. هنن تڪ جي نمائندن ۽ ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ناڪارا پيل واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فعال ڪري کين لائينن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
پاڻيءَ جي غيرقانوني ڪنيڪشنن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا ويا
ڪوٽڙي: ٻولهاڙي ميونسپل ۾ ڪُل 6 واٽر سپلاءِ اسڪيمون آهن، جن مان پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ، خدا جي بستي ۽ مسلم ٽائون واريون اسڪيمون وڏي عرصي کان هٿ سان ناڪارا بڻايون ويون آهن، جڏهن ته ڀٽائي ڪالوني، غريب آباد ۽ بهار ڪالونيءَ ۾ قائم ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيمون فعال بڻيل آهن، جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ جي انتظاميا فعال بڻيل ڀٽائي ڪالونيءَ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم تائين ايندڙ مُک ڪوبرا لائين ۽ ڀٽائي ڪالونيءَ واري واٽر سپلاءِ اسڪيم کان ٻٻر اسٽاپ تائين وڇايل ڪوبرا لائين ۾ بااثرن پاران لڳايل پاڻيءَ جي غيرقانوني ڪنيڪشنن کي روڪڻ ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جو نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ بنيادي اپاءَ وٺڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، جنهنڪري لکين رپين جي لاڳت سان وڇايل پاڻيءَ جون مُک ڪوبرا لائينون پڻ عوام لاءِ بي فائدي بڻيل آهن،ٻولهاڙي ميونسپل ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فعال ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڄامشوري جي مختلف ڊي سيز طرفان عملدارن جون ڪاميٽيون ٺهنديون رهيون آهن پر ان باوجود اڃا تائين ٻولهاڙيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي
ناڪارا اسڪيمن کي فعال ڪرڻ لاءِ رٿابندي ناهي ٿي: پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڄامشورو
ڪوٽڙي: سنڌ ۾ شهري ۽ نيم شهري آبادين کي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڊرينيج جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ جوڙيل واٽر ڪميشن جي سربراھ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم 2018ع ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي پاڻيءَ ۽ ڊرينيج جون نيون اسڪيمون ڏيڻ سان گڏ انهن اسڪيمن مان انساني آبادين تائين پاڻي فراهم ڪرڻ جي ذميواري ڏئي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻيءَ جي رسد جي ذميواري مڪاني ادارن کي واپس ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڄامشوري جي هڪ ذميوار عملدار ٻڌايو ته نئين واٽر سپلاءِ اسڪيمن توڙي غيرفعال واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فعال ڪرڻ وارا پراجيڪٽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي ڏيڻا آهن ۽ اهو معاملو پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي اختيارن ۾ اچي ٿو پر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڄامشوري طرفان ٻولهاڙي ميونسپل ۾ غيرفعال واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي فعال ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪابه رٿابندي نه ڪئي وئي آهي، جنهنڪري ٻولهاڙيءَ جي اٽڪل ڏيڍ لک کان وڌيڪ انساني آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم بڻيل آهي.