ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ طرفان امن مارچ ڪيو ويو، جڏهن تہ امن مارچ ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستيءَ واري علائقي کان شروع ٿي مختلف علائقن، بازارن ۽ چونڪن چوراهن کان ٿيندو بِهار ڪالونيءَ جي مُک چونڪ تي پهتو. مارچ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت عام شهري پڻ شهري شريڪ هئا، جيڪي امن امان جي بحاليءَ لاءِ زوردار نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن فياض سومرو، خالد لاشاري، عبدالفتاح چنا، مرتضا رند، محرم کونهارو ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ڦرون ۽ ڌاڙا معمول هجڻ ڪري علائقي واسي عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو تہ سائيٽ ۾ ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو ڏوهارين هٿان ڦرجي رهيا آهن پر ان باوجود پوليس ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته سياسي بنيادن تي مقرر ڪيل ايس ايڇ او سائيٽ کي هٽائي علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.