ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ڀرسان ڄامشورو روڊ تي قائم سمان ڳوٺ ۽ مانجھي شورو ڳوٺ جي ڳوٺاڻن پيئڻ جي پاڻيءَ جي بحران ۽ گيس جي بندش خلاف ڪوٽڙي- ڄامشورو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاج دوران ڳوٺاڻا پاڻي ۽ گئس نه هجڻ خلاف مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن حسين شورو، شفيع محمد سولنگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪوٽڙي- ڄامشورو روڊ کي ڊبل ڪرڻ لاءِ هلندڙ ڪم سبب پاڻي ۽ گئس جون لائينون ٽوڙيون ويون آهن، جنهن ڪري گذريل ٻن مهينن کان ڳوٺ مانجھي شورو ۽ سمان ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ پاڻي ۽ گئس جي فراهمي مڪمل طور تي بند آهي، جنهن جي ڪري رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن ڊي سي ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي نوٽيس وٺي پاڻي ۽ گيس جي فراهمي بحال ڪرائن.