ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ واقع ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا طرفان پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف پورهيتن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج دوران مظاهرين مل انتظاميا خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن ديدار شام، علي اصغر لغاري، اعظم پنهور ۽ ٻين چيو ته مل انتظاميا بلاجواز پورهيتن کي بيروزگار ڪري ناانصافي ڪئي آهي. هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ ليبر کاتي کي مل انتظاميا پاران پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ جو نوٽيس وٺي پورهيتن کي فوري طور تي ملازمت تي بحال ڪرائڻ گهرجي. هنن چيو ته جيستائين پورهيتن کي انصاف نہ ملندو، تيستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رکنداسين.