حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي جدوجهد ڪاميٽي پاران بابا صلاح الدين مزار واري ميلا گرائونڊ تي ڪوٽڙي جي هڪ بااثر شخص پاران مبينا قبضو ڪري هائوسنگ اسڪيم جوڙڻ واري عمل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظااهرين علائقي جي بااثر شخص خلاف سخت نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي مقصود جھتيال، محمد انور شيخ، سليمان ڀلائي، عثمان ٻٻر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪوٽڙي  ميلا گرائونڊ  تي ھر سال ميلو لڳندو آهي جنهن تي اتان جو بااثر ڀوتار ۽ ھڪ بلڊر قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. ھنن چيو ته اهو گرائونڊ  ڪوٽڙي جي نوجوانن جي راند ۽ تفريحي ڪمن لاءِ آهي. بابا صلاح الدين جي درگاهه تي ھر سال عرس جو ميلو به لڳندو آهي جنهن تي ڀوتار جي نظر پئجي وئي آهي ۽ ھو اتي پلاٽنگ ڪرائي رھيو آهي. هنن گهر ڪئي ته بابا صلاح الدين جي ميلا گرائونڊ  تان قبضو ختم ڪرائي ڪوٽڙي  واسين سان انصاف ڪيو وڃي.