ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي جي فيڪٽرين ۾ غيرقانوني ٺيڪيداري نظام سبب هزارين پورهيت ليبر قانون تحت بنيادي حقن کان محروم، بيروزگاري سبب گهٽ اجرت تي پورهيو ڪرڻ تي مجبور، ليبر کاتي پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ ۾ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ قائم سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو صنعتي زون تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته صنعتي زون ۾ ديوان ٽيڪسٽائل گروپ، سينٽرل ٽيڪسٽائل گروپ، سگريٽ ۽ تارون ٺاهڻ وارن ڪارخانن سميت اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل سميت مختلف شين جا ڪارخانا بند ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن، جڏهن ته صنعتي زون ۾ هلندڙ ڪارخانن مان اڪثر ڪارخانيدارن پورهيتن کي گريجوئٽي، بونس، انشورنس، سالياني موڪلن ۽ ميڊيڪل سميت ليبر قانون تحت لاڳاپيل سهولتون ڏيڻ کان بچڻ لاءِ ليبر کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجن ڪارخانن ۾ غيرقانوني ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين پورهيت ليبر قانون تحت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته ٺيڪيداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل پورهيتن کان 8 ڪلاڪن بدران غيرقانوني طور تي 12 ڪلاڪ جبري پورهيو وٺڻ پڻ معمول بڻيل آهي پر موٽ ۾ پورهيتن کي سرڪار طرفان اعلانيل اجرت کان به گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي، جنهنڪري پورهيت گهٽ اُجرت ۽ پورهئي جو وقت وڌيڪ هجڻ سبب ٻٽي عذاب جو شڪار آهن، هوڏانهن سرڪار طرفان ڪارخانن ۾ 8 ڪلاڪ پورهئي جي اُجرت 37 هزار ماهوار مقرر ڪرڻ باوجود ڪوٽڙي سائيٽ جي هيڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانن کانسواءِ اڪثر ڪارخانيدارن اڃا تائين سرڪار جي اعلانيل ماهوار پگهار تي پڻ عمل ناهي ڪيو، جڏهن ته غيرقانوني ٺيڪيداري نظام تحت هلندڙ ڪارخانن ۾ پورهيتن کي 20 کان 25 هزار رپين تائين اُجرت ڏني وڃي ٿي، جنهنڪري پورهيت اجگر جهڙي مهانگائي سبب پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهن، ٻئي پاسي ليبر کاتي جي عملدارن ڪارخانن ۾ غيرقانوني ٺيڪيداري نظام خلاف ڪنهن به قسم جو تحرڪ ناهي ورتو ۽ نه ئي قانون موجب پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا آهن، ان سلسلي ۾ پورهيتن رياض عمراڻي، شاهد چانڊيو، حبدار علي، شوڪت علي، محمد عمران جمالي، راشد ڀٽي، علي خان چانڊيو، محراب علي ۽ ٻين چيو ته بيروزگاري سبب هو گهٽ پگهار تي پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، سندن چوڻ آهي ته ٺيڪيداري نظام سبب کين ڪا به سهولت ميسر ناهي، نه کين ميڊيڪل جي سهولت آهي ۽ نه ئي گريجوئٽي يا بونس ملي ٿو، هو فقط خالي پگهار تي سالن کان ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ٺيڪيداري نظام سبب کين هفتيوار موڪل به ناهي ڏني ويندي، جيڪڏهن هو مجبوري ۾ موڪل ڪن ٿا ته پگهار مان سندن ڏهاڙي ڪٽي ويندي آهي، هنن سرڪار ۽ ليبر کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪارخانن مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي ۽ پورهيتن کي ليبر قانون تحت سهولتون ڏنيون وڃن.

ٺيڪيداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل پورهيت حقن کان محروم

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ جي صنعتي زون ۾ ٺيڪيداري نظام اچڻ کانپوءِ پورهيت روزگار جي معاملي تي عدم تحفظ جو شڪار آهن، جڏهن ته ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي بيروزگار ٿيڻ جي صورت ۾ بيروزگاري الائونس، گريجوئٽي ۽ ٻيون رهتون ملڻ جو آسرو رهي ٿو، جيڪڏهن فيڪٽري انتظاميا کين گهربل رهتون ادا نٿي ڪري ته هو ليبر قانون تحت فيڪٽري انتظاميا خلاف قدم کڻڻ ۽ ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ جي مجاز هوندو آهي پر ٺيڪيداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل پورهيت کي ڪي به بنيادي حق ۽ روزگار جو تحفظ حاصل ناهي، هو هر وقت روزگار کسجڻ جي خوف ۾ مبتلا رهي ٿو، هوڏانهن سرڪار پڻ ڪارخانن مان غيرقانوني ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرڻ يا ٺيڪيداري نظام تحت ڪم ڪندڙ پورهيتن کي بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺي سگهي آهي.

 

ڪوٽڙي: ذريعن جو چوڻ آهي ته سائيٽ ۾ واقع بجلي جون تارون ٺاهڻ واري ڪارخاني مان سموري مشينري مالڪن اڳ ئي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد مختيارڪار ۽ اي سي ڪارخاني کي سيل ڪيو.

ورڪرن لاءِ سيڪيورٽي انتظام اڻپورا: ڪيترائي معذور بڻجي ويا

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ پڻ ڪو جوڳو بندوبست ناهي، جنهن ڪري ڪيترائي پورهيت مشينن ۾ اچي معذور ٿي ويا آهن، ذريعن موجب ٽيڪسٽائل سميت سمورن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪارخانيدارن کي ڪرڻو آهي پر سنڌ ۾ ليبر قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۽ ليبر کاتي جي عملدارن طرفان ڪارخانن جي انسپيڪشن نه ڪرڻ سبب ڪارخانن ۾ ورڪرن کي سيڪيورٽي جو گهربل سامان فراهم نٿو ڪيو وڃي، جنهنڪري ڪيترائي ورڪر مشينن ۾ ڦاسڻ سبب هٿ يا پير وڃائي معذور بڻجي چڪا آهن.

 

ڪارخانن مان غيرقانوني ٺيڪيداري نظام ختم ٿيڻ گهرجي: اڳواڻ

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي سياسي سماجي ۽ پورهيت اڳواڻن وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوٽڙي جي ڪارخانن مان غيرقانوني ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پورهيتن جي بنيادي قانوني حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ جسقم جي ساجد سنڌي، ايس يو پي جي لطيف ڀٽي، شمشاد ميڻو، جي ڊي اي جي عبدالرزاق رند، ايس ٽي پي جي يونس اوٺو، قومي عوامي تحريڪ جي اعجاز سومرو، محمد خان پنهور، ٻولهاڙي اتحاد جي برڪت گهوٽو، پوهيت اڳواڻن اڪبر ميمڻ، اميرالدين مگسي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڙي جي صنعتن ۾ ٺيڪيداري نظام آڻي پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، اضافي پورهيو وٺڻ باوجود سرمائيدار پورهيتن کي سرڪار طرفان اعلانيل اُجرت به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته ليبر کاتي جا ڪرپٽ عملدار پورهيتن بجاءِ سرمائيدارن ۽ ڪارخانيدارن جي ڌر بڻيل آهن، جنهنڪري پورهيت طبقو نڌڻڪو بڻجي ويو آهي.

 

تارون ٺاهيندڙ ڪارخاني ڏانهن پورهيتن جون 8 سالن کان رهتون

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بجليءَ جون تارون ٺاهڻ واري ڪارخاني جي پورهيتن کي 8 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين رهتون نه ملي سگهيون آهن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب تارون ٺاهڻ واري ڪارخاني جي انتظاميا اٽڪل 150 پورهيتن کي 8 سال اڳ نوڪرين تان جبري طور تي برطرف ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پورهيتن رهتن جي ادائيگيءَ لاءِ ليبر ڪورٽ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي ليبر ڪورٽ ڊي سي ڄامشورو کي ڪارخانيدارن کان پورهيتن جون رهتون ڏيارڻ جو حڪم ڏنو پر ان باوجود پورهيتن کي رهتون نه ملي سگهيون، پورهيتن ڪيترائي ڀيرا ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو احتجاج پڻ ڪيا پر ان باوجود پورهيت اڃا تائين رهتن کان محروم آهن، هوڏانهن ڪجھه مهينا اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڪوٽڙي ڊي سي ڄامشورو جي حڪم تي تارون ٺاهڻ واري ڪارخاني کي پورهيتن جون رهتون نه ڏيڻ تي سيل ڪري ڇڏيو هو.