ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي رليف ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ ستايل بي گهر ماڻهن جي منهن تي مرڪون آڻڻ لاءِ رنگارنگ محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي، ماما لالو، عبدالله ملاح ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو، ٻارڙن جي چپن تي ٽهڪڙا اچي ويا، وقار ملاح، سرمد اياز ۽ ٻين سر وکيري محفل کي جهومائي ڇڏيو، ٻوڏمتاثر ماڻهو ڪجھه گهڙين لاءِ پنهنجا غم ڀلائي ويٺا، سوين ماڻهو رات دير تائين محفل ۾ ويٺا رهيا. پروگرام جي موسيقي جي پروگرام جي آرگنائزرس فنڪار وقار ملاح، صحافي جبار ڪابورو ۽ عرفان عالماڻي پاران آيل ماڻهن جا ٿورا مڃيا ويا. پروگرام دوران پ پ شهيد ڀٽو جي اعواڻ فيروزه لاشاري تقرير ڪندي چيو ته هي ٻوڏ هٿرادو هئي جنهن ۾ نااهل حڪمرانن هٿ سان ڪٽ هڻي شهرن جا شهر ٻوڙائي لکين ماڻهن کي دربدر ڪيو آهي، هن چيو ته عالمي ادارن کي امداد ڏيڻ بدران ملڪ جو قرض معاف ڪرڻ گهرجي، راڳڀرنگ جي محفل رات دير تائين جاري رهي جنهن ۾ ڪيترن ئي ناليوارن راڳين ۽ سگهڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.