ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي خانگي ٽيڪسٽائيل مل انتظاميا 612 پورهيت کي جبري طور برطرف ڪري ڇڏيو، پورهيتن برطرفين خلاف احتجاج احتجاج ڪيو. ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قائم هڪ ٽيڪسٽائيل مل مان پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته مل مان هڪ هفتي اندر جبري طور تي برطرف ڪيل پورهيتن جو انگ 612 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ٽيڪسٽائيل مل مان جبري طور برطرف ڪيل پورهيتن ڪوٽڙي سائيٽ جي ڳاڙهو گهوٽ گرائونڊ تي مل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج دوران پورهيت پنهنجي جبري برطرفيءَ ۽ مل انتظاميا خلاف زوردار نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ديدار شام، پورهيت اڳواڻن علي اصغر لغاري، عاشق علي، مقبول علي ۽ ٻين چيو ته مل انتظاميا کانئن روزگار کسي ظلم ڪيو آهي. ڊي سي ڄامشورو وٽ ڳالهيون ٿيون پر انھن ڳالھين تي به عمل ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته مل انتظاميا اڃا تائين رهتون به ناهن ڏنيون، جنهن ڪري لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. هنن چيو ته جيڪڏهن نوڪرين تي بحال نه ڪيو ويو ته ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.