ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي اي ايس آءِ، آءِ جي سنڌ جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، اي ايس آءِ ياسر ملاح ٿاڻي ۾ ورديءَ سان ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي. ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ ٿاڻي اندر موجود اي ايس آءِ کي ورديءَ ۾ سيٽي وڄائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪوٽڙيءَ ۾ بدامني ۽ منشيات جو وڪرو عام هئڻ باوجود پوليس اهلڪار ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۾ پورا آهن. هوڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو ٿاڻي اندر ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندڙ اي ايس آءِ ياسر ملاح خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. واضح رهي ته آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ڪجھ وقت اڳ ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪارن جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.