ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ مريضن جو مبينا طور علاج نہ ٿيڻ ۽ دوائن سميت سهولتن جي کوٽ خلاف نذير ڪابورو، عديل چانڊيو، علي عباس قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙيءَ جي ڪروڙين رپيا بجيٽ آهي پر ان باوجود مريضن کي علاج ۽ دوائن سميت ڪابه سهولت نٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته اسپتال ۾ ايمبولينس به ناهي ۽ نه ئي بجلي وڃڻ تي جنريٽر هلايو وڃي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر برڪت لغاري کي هٽائي مريضن کي علاج سميت گهربل سهولتون ڏنيون وڃن.