ڪوٽڙي (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ ۾ دوائن سميت سهولتن جي کوٽ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي جي ضلعي اڳواڻ يونس اوٺو، مدثر عباسي، جمن چانڊيو، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ ڪوٽڙيءَ ۾ مقامي هوٽل تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙيءَ جي ڪروڙين رپيا سالياني بجيٽ هئڻ باوجود مريضن کي علاج ۽ دوائن سميت ڪابه سهولت نٿي ملي، جڏهن ته ايمرجنسي واري حالت لاءِ ايمبولينس به ناهي. هن چيو ته ايم ايس کي هٽائڻ ۽ اسپتال ۾ دوائن ۽ علاج سميت بنيادي سهولتن لاءِ يوم عاشور کانپوءِ اسپتال آڏو ٽن ڏينهن جي احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويندي، جيڪڏهن صحت کاتي جي اختيارين نوٽيس نه ورتو ته مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ هڙتال پڻ ڪرائي ويندي.