ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ جي خانپور واري علائقي ۾ جوابدار عبدالحفيظ شورو مبينا طور تي گهرو اڻبڻت تان بندوق جا فائر ڪري پنهنجي زال شبانا کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بعد فرار ٿي ويو. هوڏانهن قتل جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ڪوٽڙي رابطي تي ٻڌايو ته جوابدار عبدالحفيظ شورو گهريلو اڻبڻت تان پنهنجي زال شبانا کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. ايس ايچ او موجب جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي قتل ٿيل عورت جي وارثن رابطي باوجود موقف نه ڏنو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.