ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي اسٽيشن وٽ ٽرينن جا گاڏا پٽڙيءَ تان لهڻ معمول بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڪالھه ڄامشوري ۾ واقع ٿرمل پاور هائوس تي ڪوئلو پهچائي واپس ايندڙ مال بردار ٽرين جو هڪ گاڏو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان پٽڙيءَ تان لهي ويو، جڏهن ته ريلوي عملدارن ڪرين گهرائي ٽن ڪلاڪن بعد ٽريڪ بحال ڪري ڇڏيو. ريلوي عملدارن موجب مال بردار ٽرين جو گاڏو پٽڙيءَ تان لهڻ سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ متاثر ناهي ٿيو ۽ ٽرينون معمول موجب هلنديون رهيون.