ڪوٽڙيءَ ۾ ننڍي ڄمار جي نينگري ٻار سان پرڻائڻ جي ڪوشش، گھوٽ جو پيءُ ۽ مامو گرفتار

0
53
ڪوٽڙيءَ ۾ ننڍي ڄمار جي نينگري ٻار سان پرڻائڻ جي ڪوشش، گھوٽ جو پيءُ ۽ مامو گرفتار
ڪوٽڙيءَ ۾ ننڍي ڄمار جي نينگري ٻار سان پرڻائڻ جي ڪوشش، گھوٽ جو پيءُ ۽ مامو گرفتار

ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ مامي نينگريءَ جو زبردستي پنهنجي ننڍي ڄمار جي پُٽ سان پرڻو  ڪرائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي گهوٽ ڪنوار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، گهوٽ جي پيءُ سميت نينگريءَ جا 2 ماما گرفتار. ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستيءَ واري علائقي ۾ 16 ورهين جي نينگري مريم ڀٽي جي شادي سندس مرضيءَ کانسواءِ سندس مامي صديق ڀٽيءَ پنهنجي 14 ورهين جي پُٽ سلمان عرف سونو ڀٽي سان ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته نينگري مريم جي ڀيڻ شازيا جي اطلاع تي خدا جي بستي چونڪيءَ جي پوليس نينگري مريم جي مامي صديق جي گهر تي ڇاپو هڻي نينگري مريم ۽ گهوٽ سلمان عرف سونو کي تحويل ۾ وٺي نينگريءَ جي ٻن مامن گهوٽ جي پيءُ صديق ڀٽي ۽ محمد بوٽا ڀٽيءَ کي گرفتار ڪري پوليس چونڪيءَ منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پوليس چونڪيءَ تي موجود نينگري مريم ٻڌايو ته سندس ماءُ کي سندس پيءُ طلاق ڏني، جنهن بعد سندس امڙ ٻي شادي ڪري ڇڏي، جنهنڪري هوءَ پنهنجي مامي صديق جي گهر رهندي هئي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

مريم کان اڳ وڏي ڀيڻ شازيه کي به زوري پرڻائڻ جي ڪوشش ٿي

 ڪوٽڙي: نينگري مريم جي مامي صديق پاران پهرين سندس ٻي ڀيڻ شازيه کي به زوري پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ نينگري مريم جي ڀيڻ شازيا ٻڌايو ته مامن ساڳي نينگر سان سندس شادي پڻ ڪرائڻ چاهي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. هاڻي زبردستي سندس ننڍي ڀيڻ مريم جي ساڳي نينگر سان شادي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته سندس ڀيڻ زبردستي ٿيل هن نڪاح کي قبول نٿي ڪري.