ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي شهر جي مين سنڌي پرائمري اسڪول ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند گوليون هڻي 40 ورهين جي پورهيت غلام مرتضيٰ جماليءَ کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته قتل ٿيل پورهيت غلام مرتضيٰ جمالي ڪوٽڙيءَ ڀرسان ڪارو کهو واري علائقي جو رهواسي هو ۽ رازڪو ڪم ڪندو هو. هوڏانهن قتل واري واردات جي اطلاع تي ڪوٽڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو مڙھه تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي رابطي تي ايس ايچ او ڪوٽڙي شهزاد قاضي ٻڌايو ته ڌرين ۾ ذاتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان قتل جو واقعو پيش آيو آهي. هن چيو ته مقتول جي ڌر اڃا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي آئي، جيئن ئي فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.