ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ شهيد اسٽيج ڊراما آرٽسٽ ۽ ليکڪ نذير لغاري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب، اسٽيج ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويو. ڪوٽڙيءَ جي ڪلچرل سينٽر ۾ ايمان آرٽس ڪائونسل طرفان شهيد اسٽيج اداڪار ۽ ڊراما ليکڪ نذير لغاريءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته تقريب کي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشوري جي صدر ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ جي ايم ايس ڊاڪٽر برڪت لغاري ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ جي وائيس چيئرمين منٺار خاصخيليءَ خطاب ڪندي چيو ته نذير لغاري زبردست اسٽيج اداڪار ۽ ڊراما ليکڪ هو، هن اسٽيج جي دنيا ۾ سُٺو ڪم ڪيو. هنن چيو ته فن ۽ فنڪار پنهنجي معاشري ۽ قوم جو سرمايو هوندا آهن، انهن کي سارڻ ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ سُٺو عمل آهي. تقريب کي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر اعجاز سومرو، ريڊيو جي ڪمپيئر ذوالفقار هيسباڻي، سينيئر صحافي امر سنڌي ايڊووڪيٽ نورالامين سپيو ۽ ميزبان طارق آڪاش خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ ٿيٽر معاشرتي اصلاح جو ذريعو رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ٿيٽر تي سُٺو ڪم ٿيو. هنن چيو تہ ڪلچر کاتي کي اسٽيج ڊرامن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اسٽيج ڊرامن ذريعي معاشرتي اصلاح جو ڪم ٿي سگهي. تقريب ۾ نوجوان صحافي جبار ڪابورو ۽ ٻين کي ” نذير لغاري مڃتا ايوارڊ” پڻ ڏنا ويا. تقريب جي آخر ۾ اصلاحي اسٽيج ناٽڪ “ڀرم پڻ پيش ڪيو ويو، کي ڏسندڙن گهڻو ساراهيو.