ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي ٽيليگراف واري علائقي ۾ الشهباز ڪالونيءَ مان نوجوان ناري اسريٰ ڌيءَ عزيز جوڻيجو مبينا طور تي اغوا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي ٿاڻي تي ناري اسريٰ جوڻيجي جي مامي نذير ٻگهيو جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف پنهنجي ڀاڻيجيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته عديل سولنگي، عزيز جتوئي ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن هٿيارن جي زور تي سندس ڀاڻيجي اسريٰ جوڻيجو کي اغوا ڪيو آهي، هوڏانهن سائيٽ جي سڪندر آباد ڪالونيءَ جي هاري ڪئمپ مان نوجوان ناري لڇمي ڌيءَ ڀمرو ڀيل کي مبينا طور تي 4 جوابدار اغوا ڪري ويا آهن، ان سلسلي ۾ ناري لڇميءَ جي ماءُ شريمتي ڌائي ڀيل ڪوٽڙي ٿاڻي تي 4 جوابدارن دلشاد پنجابي، ارباز سومرو ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن خلاف ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل جوابدار هٿيارن جي زور تي سندس ڌيءَ لڇميءَ کي اغوا ڪري ويا آهن.