حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڪوٽڙيءَ پوليس اغوا ٿيل ناريءَ جا مک جوابدار مبينا ڏيتي ليتي ذريعي آزاد ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي سائٽ مان پورهيت مغوي ناري لڇمي ڌي ڀنڀرو ڀيل جي وارثن ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب هڪ طرفي ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي. ان موقعي تي ناري لڇمي ڀيل جي پي ڀنڀرو ڀيل،امڙ ڌاڻي ڀيل روئيندي الزام هنيو ته 9مارچ رات هڪ وڳي ڌاري اسان گهر ۾ ستل هئاسين ته اوچتو ڌي لڇمي جون دانهون شروع ٿي ويون جنهن سبب جاڳڻ تي جوابدار دلشاد پنجاپي،جوابدار ارباز کي هٿيارن جي زوري لڇمي کي زبردستي گهيلي اغوا ڪري رهيا هئا ته اسان جي منع ڪرڻ تي جوابدارن اسان کي هٿيارن جي زور تي ڌمڪائي خاموش نه رهڻ جي صورت ۾ موتمارڌمڪيون ڏيندي لڇمي کي اغوا ڪري ويا اهڙي واقعي جي حد جي ٽيلي گراف پوليس چوڪي کي ڏنو جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار دلشاد پنجابي، ان جي پي ۽ مامن کي گرفتار ڪري کڻي آئي جوابدارن پوليس آڏو لڇمي کي اغوا ڪرڻ جو ڏوھه قبول ڪيو ۽ واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي ٽيلي گراف پوليس چوڪي جي اهلڪارن لڇمي کي جلد واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پر ان کان اڳ پوليس اسان جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي ڏيتي عيوض آزاد ڪري ڇڏيو 21ڏينهن کان پوليس چوڪي جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون پر پوليس اسان جي ڌي لڇمي کي بازياب نه ڪرايو آھي. هنن چيو ان سلسلي ضلعي ڄامشوري جي چونڊيل پ پ نمائيندي ملڪ اسد سڪندر، فقيرداد کوسو ۽ ٻين چڳن مڙسن جي بنگلن تي به دانهيو پر اسان غريبن جي ڪير به نٿو ٻڌي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھه اقليتي برادري جي صلاح ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي ۽ انساني حق جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اسان جي ڌي لڇمي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.