ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙيءَ جي خانگي ٽيڪسٽائيل مل ۾ پورهيت کي ڪٽنب سميت باندي بڻائڻ جي انڪشاف بعد پورهيتن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. ان ڏس ۾   ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙيءَ جي صنعتي زون ۾ واقع هڪ خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا پورهيت اسماعيل شاھ کي ڪٽنب سميت مل جي رهائشي ڪالونيءَ جي هڪ ڪوارٽر ۾ مبينا طور تي باندي بڻائي ڪوارٽر کي ٻاهران تالا هڻائي ڇڏيا، جڏهن ته باندي بڻايل پورهيت اسماعيل شاھ طرفان موبائيل فون تي پنهنجي هڪ عزيز کي واقعي بابت اطلاع ڏيڻ تي سندس عزيز سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن بعد عدالتي حڪم تي پوليس ٽيڪسٽائيل مل جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ ڄاڻايل ڪوارٽر تي ڇاپو هنيو ته ڪوارٽر جي دروازي کي ٻاهران تالو لڳل هو، جڏهن ته دروازي جو تالو ٽوڙي ڪوارٽر ۾ جبري طور تي باندي بڻايل ڪٽنب کي بازياب ڪرايو ويو. بازياب ڪرايلن ۾ پورهيت اسماعيل شاھ، سندس زال ۽ 5 ٻارڙا شامل آهن. هوڏانهن پورهيت کي جبري طور تي باندي بڻائيندڙ مل انتظاميا خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن جبري طور تي باندي بڻايل پورهيت اسماعيل شاھ موجب فيڪٽري جي جنرل مئنيجر جي چوڻ تي سيڪيورٽي انچارج پنهنجن گارڊن سان گڏجي مون کي ڪٽنب سميت باندي بڻائي رهائشي ڪوارٽر کي ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو. هن چيو ته مون پنهنجي عزيز کي فون تي اطلاع ڏنو، جنهن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ۽ عدالتي حڪم تي اسان کي بازياب ڪرايو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس موجب متاثر ڪٽنب ٽيڪسٽائيل مل جي هڪ ڪوارٽر ۾ باندي بڻايل هو، عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪري ڪٽنب کي بازياب ڪرايو آهي.