ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي جي ملازمن پاران پگھارون نه ملڻ تي چوٿين ڏينھن به احتجاج جاري رکيو، مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جاري رکڻ جو اعلان. ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي جي ملازمن  واجد شاهه ۽ عنايت علي بگٽي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر ٻن مهينن کان مقرر نه ٿيڻ سبب پگهارون بند آهن. ٻن مهينن اندر 4 آفيسرمقرر ٿيا پر پگهارن جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هنن واضح ڪيو ته مسئلو جلد حل نه ٿيو ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهندي.