ڪوٽڏيجي(ن پ ا) ڪوٽڏيجي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر تي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري ڊوائيس ايجنٽن فقير هيسباڻي ۽ شاهد گوپانگ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته حملي دوران مبينا طور 15 لک رپيا ڦر ڪيا ويا، ڊوائيس ايجنٽ فقير هيسباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ارشاد ڪانڌڙو 10 کان وڌيڪ ڏنڊا بردار ماڻهو ساڻ ڪري آيو ۽ اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو، حملي آور پئسن وارو بيگ ۽ منھنجي کيسي مان 5 لک روپيا ڪڍي فرار ٿي ويا، واقعي بعد ڪوٽڏيجي سينٽر بند ڪيو ويو، جنهن ڪري مستحق عورتون سڄو ڏينھن گرمي ۾ رلنديون رهيون، هوڏانھن يو سي ديھه سوهو جي چيئرمين جمن ڪانڌڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڇوڪرن ڊوائيس وارن کان ڪا به ڦر ناهي ڪئي، باقي معاملي جو سڀاڻي فيصلو رکيو آھي، ان ۾ جيڪا به ڌر ڏوهي ٿيندي ان تي ڏنڊ لڳايو ويندو.