ڪوٽڏيجي (رپورٽ: امير گوپانگ) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نينگر فوت، وارثن جو غلط ويڪسين لڳائڻ جو الزام، تعلقي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج، خبر موجب ڳوٺ نھال خان سوھو جي رهواسي محمد جمن رند جي 10 سالا پٽ 3 ڪلاس جي شاگرد جنيد رند کي ڇتي ڪتي چڪي وڌو، نينگر کي اسپتال آندو ويو، جتي کيس ويڪسين لڳائي وئي، جنهن بعد نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي پيءُ تعلقي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 2 مهينا اڳ پٽ جنيد کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو هو، جنهن کي تعلقه اسپتال آندو جتي اسپتال ۾ هڪ ڊسپينسر ڇتي ڪتي واري ويڪسين جا پئسا وٺي ويڪسين ڪئي، ويڪسين لڳڻ کان پوءِ نينگر جي حالت خراب ٿيندي وئي، نينگر کي مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ باوجود ڪو به فرق نه پيو، جنھن کان پوءِ پٽ کي رينجرز اسپتال سکر کڻائي پهتس جتي ماھر ڊاڪٽرن ٽيسٽون ڪرڻ بعد تصديق ڪئي ته نينگر کي ويڪسين ٿيل ئي ناهي، هن چيو ته نينگر جي جسم ۾ جراثيم ڦهلجي ويو هو، ڊاڪٽر چيو ته نينگر کي نقلي ويڪسين لڳائي وئي آهي يا وري ڪا ٻي انجيڪشن ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري نينگر جي جسم ۾ زھر ڦهلجي ويو، جنهن ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هن چيو ته پٽ کي تعلقي اسپتال جي ڊسپينسر ظهير غلط ويڪسين لڳائي، هن معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن اسپتال انتظاميا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.