خيرپور/ڪوٽڏيجي(نمائندن وٽان) ڪوٽڏيجي ڀرسان نوجوان فون ڪال ڪري گهرائڻ بعد ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، ڳوٺ ٻاهران جهنگ مان چچريل لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ عبدالواحد رند ۾ نامعلوم جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري 22 سالا نوجوان ناصر حسين ولد عالم خان رند کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڳوٺ ٻاهران جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، علائقي واسين نوجوان جو لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد رند برادري جا ماڻهو ۽ وارث واقعي واري هنڌ پهتا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان وري لاش ڪوٽڏيجي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي پيءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ کي گذريل ڏينهن شام جو خبر نه آھي، ڪنهن جي فون ڪال آئي هئي، جنهن تي هو ٻاهر هليو ويو ۽ سڄي رات گھر واپس نه آيو، اسان پريشان ٿي صبح جو مٽ مائٽن ۽ دوستن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پر ڪٿان به سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو، ڪالهه ڳوٺ ڀرسان جهنگ مان ڪهاڙيون لڳل لاش مليو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، مون سان ظلم ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.