خيرپور/ڪوٽڏيجي(نمائندن وٽان) ڪوٽڏيجي ڀرسان نوجوان ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، قومي شاهراهه تان لاش هٿ، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي بنا جواز ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو، خبر موجب کبڙي اسٽاپ وٽ پراڻي قومي شاهراهه تان علائقي واسين کي نوجوان جو ڪهاڙيون لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال پهچايو، جتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺڙي واسي علي خان ولد غلام قادر رڏ طور ٿي، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي امڙ امينت رڏ ۽ ٻيون وارث عورتون ڪوٽڏيجي اسپتال پهتيون، نوجوان جي امڙ چيو ته نوجوان کي نامعلوم ماڻھن گڙدن ۾ ڪهاڙيو هڻي قتل ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته صبح جو سوير علي خان پنهنجو موبائل فون چارج ڪرڻ لاءِ گهران محمود شاهه اسٽاپ ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ نامعلوم جوابدارن کيس ڪهاڙيون ھڻي قتل ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جلد سندس قاتلن کي بي نقاب ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.