خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي ڀرسان نوجوان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ فتح علي لاشاري ۾ 22 ورهين جي انعام علي پٽ گلڻ لاشاري پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ جاري آهي، ابتدائي طور تي اهو خودڪشي جو ڪيس لڳي ٿو، پر هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان ذهني پريشاني جو شڪار هو، جنهن ڪري هن آپگهات ڪيو.