ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ مٺڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان رڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ڪشمير رڏ، قبول رڏ، اڪرم رڏ، غلام رضا رڏ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪوٽڏيجي اسپتال انتظاميا موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين خيرپور سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي، ھوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رڏ برادري ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي، , جنهن ڪارڻ ھنن جا روز جا جهيڙا هلندا رهن ٿا، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي، زخمين جو ڪو به وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي پهتو.