خيرپور/ڪوٽڏيجي (نمائندن وٽان) ڪوٽڏيجي ڀرسان واٽر ڪورش تي حددخليون هٽائڻ دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، وارثن جو لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو، ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، خبر موجب ڳوٺ ڪريم بخش سونيو ۾ اي سي ڪوٽڏيجي انڪروچمينٽ ٽيم وٺي واٽر ڪورس تان حددخليون هٽائڻ پهتو ته سونيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب منٺار سونيو ۽ عاشق سونيو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جتي قلندڙ بخش سونيو زخمن جي سٽ نه سهي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد وارثن مقتول جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته جوابدار عابد سونيو، هيبت ۽ حاڪم سونيو نوجوان منٺار سونيو کي قتل ڪيو آهي، واقعي بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، اي سي ڪوٽڏيجي دريان خان چانڊيو ٻڌايو ته شاهه بخش سميت ٻين کاتيدارن ايريگيشن وٽ واٽر ڪورس مٿان انڪروچمينٽ هٽائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، ايس ڊي او ۽ انڪروچمينٽ ٽيم ساڻ ڪري ڳوٺ پهتاسين ته سونيا برادري جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، اسان مٿان وانگار وھڻ جا الزام اجايا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.